اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان ??ان ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان ??و هدف آهي، ترجيحي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، ب??نڪ??ري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون ج?? فروغ جي لاءِ آذربائيجان ??ي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪندس. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجان ??ي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، هي دورو ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسان ??ي حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، ب??نڪ??ري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون ج??ن نيون راهون کولڻ جي لاءِ آذربائيجان ??ي قيادت سان ??هم ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان ??و بنيادي هدف آهي. هن چيو ته اسان ??ي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان ??عاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.