اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طب?? امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ص??تيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.