سکر – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽو ملڪ کي هڪ عالمي قوت بڻائڻ وڃي رهيو هو پر ان کي رستي تان هٽايو ويو، بينظير ڀٽو شهيد کي قتل ڪيو ويو، اڄ تائين اسان انصاف جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هو راڻيپور ويجهو گمبٽ ۾ هيلٿ سٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي پيوندڪاري جي شعبي جو افتتاح ۽ ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي ۽ دوائن جي يونٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. پير عبدالقادر شاهه جيلاني ا??سٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ ۾ نئين منصوبن جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت هڪ عالمي معيار جو ميڊيڪل انفراسٽرڪچر بيهاري ڇڏيو آهي، جيڪو ٻين صوبن کان کان تمام گهڻو اڳتي آهي. هن ??يو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ صوبائي نه پر حقيقي معنيٰ ۾ هڪ قومي ادارو آهي، جتي ٻين صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا مريض پڻ علاج جي لاءِ اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جي ا??تري ڪردارڪشيءَ ڪئي وئي آهي جو ماڻهن ??ي گمبٽ جهڙن ادارن جي قيام ۽ ڪارڪردگي تي پڻ اعتبار ئي نه ٿو اچي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽين کي اسپيس ڏنو وڃي ۽ نفرت، ورڇ ۽ گارگند جي سياست بدران ڊيليوري، نظريي ۽ منشور جي سياست جي بنياد تي مقابلو ٿئي، ته اهو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ فائديمند هو. هن ??يو ته افسوس آهي جو هتي طاقتور طبقي هر نسل سان کيڏيو آهي. هن تاريخي حوالا ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي عالمي قوت بڻائڻ وڃي رهيو هو ۽ ان جي دور ۾ دنيا جي اڳيان هڪ اهڙو پاڪستان هو جيڪو وڏين وڏين طاقتن جي وچ ۾ صلح ڪرائيندو هو. هن ??يو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي، ته دنيا جا وزيراعظم ۽ صدر پاڪستاني وزيراعظم جي پٺيان ڊوڙندا هئا. هن ??يو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي قيادت ڪري رهئي ته هيلري ڪلنٽن جهڙيون شخصيتون به ان جو هڪ سگنيچر وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهي ا??تظار ڪنديون هيون. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور س??يلين صدر هو، پر هن پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سنگ ميل آهي، ان جو بنياد صدر آصف علي زرداري رکيو هو. تاريخي پس منظر پيش ڪرڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي چيئرمين سوال ڪيو ته انهن سمورين خد??تن جي جواب ۾ انهن ??ي ڇا ڏنو ويو؟ ان سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته انهن ئي عدالتن قائد عوام کي ڦاهي جي سزا ڏني ۽ اڄ تائين ڪنهن ??ي خيال نه آيو ته قائد عوام سان انصاف ڪري. پوري پاڪستان کي ليڪچر ڏين ٿا ته ڪير ڪرپٽ ۽ ڪير سسلين مافيا آهي. هن ??يو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ مون پاڻ انهن ئي عدالتن ۾ وڃي درخواست ڏني ته آئون قائد عوام جو پوٽو آهيان، توهان جي آڏو التوا هيٺ صدارتي ريفرنس جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿو ۽ توهان ڪيس ٻڌو. اڄ تائين ڪنهن جج شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس نه ٻڌو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو به شهيد ٿي وئي، پر آمرن سان گڏجي ملڪ تي حڪومت ڪندڙ ججز انصاف نه ڏنو. هن ??يو ته اڄ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ سميت سڀ تسليم ڪن ٿا ته انهن آئين ۽ جمهوريت تي ڌاڙو هڻي غيرآئيني طريقي سان عمران خان کي قوم تي مڙهيو. پيپلزپارٽي چيئرمين خبردار ڪيو ته تخت لاهور جي ويڙهه پوري ملڪ کي ٻوڙي سگهي ٿي. هن ??يو ته مون سسٽم کي هلائڻ ۽ ان اميد تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪيس ۽ نه ئي قائد عوام جي عدالتي قتل جي معاملي تي ا??صاف نه ڏيڻ تي به ڪڏهن سخت لفظ استعمال نه ڪيا ته شايد پاڻ سوچين. پر هاڻي آئون سمجهان ٿو ته رڳو شريف ٿي سياست ڪئي ته اسان جي ا??ندڙ ٽي ٻيون نسلون به قائد عوام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ انصاف جون مطالبو ڪنديون رهنديون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ جمهوري ۽ نظرياتي پارٽي آهي ۽ منشور جي سياست ڪري ٿي، پر اسان هاڻي پردو نه رکنداسين. هن ??يو ته اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان کي ون يونٽ بڻائڻ جو پلان، 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ صوبن جا حق سلب ڪرڻ جو پلان جيڪو سليڪيٽيڊ جي نالي تي اسان تي مڙهيو ويو، اڄ به انهي ڊاڪٽرائين جا چاهيندڙ هر اداري ۾ موجود آهن. جڏهن اسان نيوٽرل نيوٽرل کيڏي رهيا هئاسين، اهي پنهنجي خان جي لاءِ سازشون ڪري رهيا هئا. هن واضح رڪيو ته اسان پاڪستان جي عوام آڏو ان ٽولي جي سازش کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. پيپلزپارٽي چيئرمين سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوامي مينڊيٽ تحت پنهنجون ذميواريون ۽ ڪم جاري رکي. هن ??يو ته هو پاڻ تخت لاهور ۾ ويهي غيرجمهوري قوتن ۽ ڪٺ پتلين کي جواب ڏيندو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير س??د مراد علي شاهه، وفاقي وزير س??د خورشيد شاهه، اڳوڻو وڏو وزير س??د قائم علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.