اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وز??راعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وز??راعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺ?? هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري ر??ڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وز??راعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان موجب وز??راعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻول??ه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وز??راعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.