اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اعلان موجب پاڪست??ن جي پهرين ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمون ترڪيءَ پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪ فوج جي اربن س??چ اينڊ ريسڪيو (يو ايس اي آر) جي 33 رڪني دستي تي ٻڌل سي 130 اڄ ترڪيءَ جي شهر ادانه پهچي ويو آهي. بيان موجب ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اي ايف اي ڊي سان گڏجي ٽيمن کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ روانو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان يو ايس اي آر ٽيمون ۽ امدادي سام??ن جي مقرري سان گڏ پنهنجو بچاءُ ۽ امدادي سرگرميون جاري رکنديون. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستاني قوم آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ترڪ ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.