اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي م??ئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قد?? کي واپ?? نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قد?? کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي م??ئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيراعظم پنهنجي گڏ??ل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.