اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ص??ر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ تحت تيار ڪيا ويند?? پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙ??ڪا??ن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙ??ڪا?? دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آبزرور جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي سيڙ??ڪا?? دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي پاڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙ??ڪا??ي ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽ??ڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙ??ڪا??ن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ تحت وڏي سيڙ??ڪا??ي پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙ??ڪا??ي کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. هن چيو ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ تحت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گ??اد?? ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان گ??اد?? کي علائقائي واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گ??اد?? بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙ??ڪا??ي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.