اسلام آباد– 22 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بئنڪ جي اعليٰ عملدارن سان مل??قا??ن ۾ موجوده پروگرامن ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ڳالهه ٻولهه جو محور رهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻين عالمي اڳواڻن سان ٿيندڙ مل??قا??ن ۾ اسان ٻوڏ، موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.