نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ ??طح بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي ص??ر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊر?? چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي ص??ر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي ص??ر ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪ??دو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم سان آمريڪا ??و موسمياتي تبديلي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.