اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ 5 سيپٽمبر تي انٽيلي جنس آپريشن دوران پاڪ فوج ??ي شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي وارثن سان تع??يت جو اظهار ڪندي قوم جي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ تي انهن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 5 سيپٽمبر تي انٽيلي جنس آپريشن دوران پاڪ فوج ??ي شهيدن جي وارثن سان تع??يت جو اظهار ۽ شهيدن کي ??نهن جي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. صدر ڪيپٽن عبدالولي ۽ نائب صوبيدار محمد نواز جي پونئيرن سان ٽيليفون تي همدردي جو اظهار ڪيو. هن ٽيليفون تي حوالدار غلام علي، لانس نائيڪ محمد الياس ۽ لانس نائيڪ ظفرالله جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي. صدر پنهنجي پيارن جي قربانين تي شهيدن جي پونئيرن جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي لاءِ درجن جي ب??ندي جي دعا ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو.