ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته نريندر مودي هاڻي ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم فوري طور تي بند ڪري، ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر رياست جو ماسڪ لهي چڪو آهي ۽ مودي جي شڪل ۾ ان جي اصل انتهاپسند شڪل ظاهر ٿي چڪي آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪري. تعليم وار?? زير سيد سردار علي شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير تاريخي طور تي انڊس سولائيزيشن جو حصو آهي ۽ جواهر لعل ??هر?? پا?? پنهنجي ڌيءَ اندر گاڌي کي خط ۾ لکيو هو ته انڊيا پا?? انڊس مان نڪتو آهي، جيئن ته اڄ جو پا??ستان آهي ته انهي حساب سان ڪشمير تاريخي طور تي پا??ستان جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جي شڪل ۾ ڀارتي حڪومت جو اصل انتهاپسند مڪروهه ??هر?? ظاهر ٿي ويو آهي جنهن مسلسل ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا، عالمي دبيا چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن تي گذر??ل 73 سالن کان ڀارت شرمناڪ انسانيت ڪش ظلم ڪري رهيو آهي. سردار علي شاهه چيو ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو به ظلم ٿئي اهو ظلم پوري انسانيت جي خلاف آهي ڀلي اهو ڪش۾ير ۾ ڀارت پاران ظلم هجي يا فلسطينين تي اسرائيل جي وحشياڻي انسانيت سوز ظلم هجي، اسان سڀ مظلوم قومن سان گڏ بيٺل آهيون. سردار شاهه چيو ته پا??ستان ڪڏهن به ڪا جنگ ناهي چاهي پر سدائين اسان تي جنگ مڙهي وئي آهي ۽ اها به ڀارت پاران ڪيل سرحدي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري اسان جا فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن، اڄ به اسان جا معصوم ڪشميري ٻار ڀارتي ڪلسٽر بمن جو نشانو ??ڻجي رهيا آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.