اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ج?? جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تع??ير مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوب?? جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽ?? جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفت?? اندر رپورٽ گهرندي اسلام آباد ماڊل جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آباد جيل جي تع??ير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تع??ير ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي پنهنج?? جيل نه هجڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تع??ير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن وار?? ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽرينن?? سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.