اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ ??ان??نن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي ح??ن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي عورتن جي ح??ن جي لاءِ ??ان??نسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي ح??ن جي لاءِ دختر جمهور??ت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم ??ان??نسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ ??ان??نسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي ??ان??نسازي جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحماني جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.