اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ??زي??اعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي. ??زي??اعظم چيو ته عمرا?? حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ ??يز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ا??ب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آهي، عمرا?? حڪومت جو اهو ظلم قوم کي هن سال 500 ا??ب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.