اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
هن عام طور تي سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۽ عو??م جي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??فاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪي فور جهڙن اهم ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي زور ڏنو ۽ ڪراچي ۾ هڪ نئين ??ونيورسٽي جي قي??م جو اعلان ڪيو،
هن سمورن اتحادي پارٽين جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي عزم کي ساراهيو. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽ?? خالد مقبول صديقي، سينئر ڊپٽي ڪنوينر عام?? خان، سيد امين الحق، ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ ڪنور نويد جميل کانسواءِ ??ومي اسيمبلي ميمبرن شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو.