اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ??راهيم طحه چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سا?? ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين ??ي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين ??جلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين ??ي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين ??ي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسلي امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل ع??لم?? قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت والاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کي ع??لم?? قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? موجب ڪشميرين ??ي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زور ڏنو. افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين ??راهيم طحه چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين ??کي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ع??لم?? برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو ع??لم?? ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.