اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر ج?? لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر ج?? لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري ف??اد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري ف??اد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر ج??يل ??طا فرمائي.