اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻ??ي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي ت??ام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي ??زير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پ?? ورتو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻ??ي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي ??تمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي ??زير چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي ت??ام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.