اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ??ي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪتي ??زير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ??نهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ته پنهنجي دور ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور هئي. بل??ول زرداري جي خطاب تي ??نهنجي ردعمل ۾ مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بل??ول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.