اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ جي چيئرمين ??ينيٽر صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين ??ينيٽر محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين ??ان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جديد ب??ائڻ جي خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سا?? منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين ??ور جو آغاز ٿيندو.