بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتي??اخ??ز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومانيا جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي و??ير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي و??ير رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمو?? قريشي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتي??اخ??ز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطر??ن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي و??ير رومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري وي??سين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي و??ير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي و??ير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان رومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي و??ير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.