ميڊرڊ – 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم هيڊڪوارٽر ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي جنرل سي??ريٽري سان ملاقات دوران چئي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سي??ريٽ??ي جنرل زوراب پولوليڪا شويلي پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. اسپين ۾ پاڪستان جو سفير شجاعت راٺور پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. پرڏيهي وزير سي??ريٽ??ي جنرل زوراب پولوليڪا شويلي کي ايندڙ چئن سالن جي مدي (2022ع کان 2025ع) جي لاءِ سي??ريٽ??ي جنرل جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ?? سياحت جي فروغ ۽ ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾ يو اين ڊبليو ٽي او جي موثر ڪردار کي ساراهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ريتيءَ وارن سمنڊن کان وٺي شڪوه جبلن تائين پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سياحتي جايون موجود آهن. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پاڪستان حڪومت سياحت جي فروغ جي حوالي سان 10 سالا روڊ ميپ تي عمل پيرا آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت سياحن جي سهولت لاءِ اي ويزا جاري ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ سي????ور??ي جي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ فني معاونت جي لاءِ يو اين ڊبليو ٽي او ٽيم جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي سي??ريٽ??ي جنرل کي ماحولياتي انحطاط کي منهن ڏيڻ ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ سياحتي جاين کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي 10 بلين سونامي ٽري منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. يو اين ڊبليو ٽي او جي سي??ريٽ??ي جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي سياحن جو ڌيان آهي، وڏي پئماني تي ڪورونا ويڪسي نيشن کانپوءِ سياحن جي چرپر ۾ بهتري متوقع آهي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سي??ريٽ??ي جنرل سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ساراهيندي سياحت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور معاونت جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.