اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مران خان اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي ??سلامي تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم ??مران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپ?? آهن، پاڪستان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم ج?? غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ??اراهيو. هن افغانستان ۾ امن ?? استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم ??مران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.