اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پارلياماني جمهوريت جي حيثيت سان پاڪستان ضروري قانوني ۽ انتظامي ڍانچي، آزاد ميڊيا ۽ متحرڪ سول سوسائيٽي سان، سمورن انساني حق?? جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پرعزم آهي، جمعي تي انساني حق?? جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏينهن، پاڪستان انساني حق?? جي عالمي پڌرنامي کي اختيار ڪرڻ جي 73 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، اهو پڌرنامو رياستن، معاشرن ۽ برادرين لاءِ بنا ڪنهن فرق جي، سمورن انسانن جي حق??، آزادين ۽ وقار کي فروغ ڏيڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ روشني جو مينار آهي. اهو ڏينهن برابري، انصاف، رواداري، امن ۽ ترقي جي عالمي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي يادگيري ڪرائيندو آهي. ان جي ??او??ود اهو ڏينهن انهن فائدن کي محفوظ رکڻ ۽ ان آزادين ۽ حق?? کان محروم ماڻهن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 وبائي مرض ملڪن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ نظامي ۽ ڍانچاجاتي اڻبرابري کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غير مناسب ا??تص??دي بحالي، وڌندڙ قرضن جو بار ۽ ڪووڊ ويڪسين ورهائڻ جي صورت ۾ عالمي ا??تص??دي ۽ مالياتي ڍانچي ۾ اڻبرابري ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ان طرح جي اڻ برابري سان امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ عدم برداشت جون نيون شڪليون اڀرنديون آهن، جيڪي اڪثر هائپر نيشنلزم جو باعث بڻجي ٿي، ان کانسواءِ اسلامو فوبيا هڪ سنگين عصري چئلينج جي طور تي سامهون آيو جيڪو پوري دنيا۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي متاثر ڪندو آهي. هن چيو ته ان ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ترقي حاصل ڪرڻ سميت انساني حق?? ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي هڪ ذريعي جي طور تي نظامي ۽ ڍانچاجاتي عدم برادري جي محرڪن ۽ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ۽ جامع عالمي رد عمل جو مطالبو ڪري ٿو، پاڪستان امن، رواداري ۽ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ عدم برداشت جي خاتمي جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو، پاڪستان غير ملڪي قبضي جي تحت ماڻهن جي لاءِ حق خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جي به مڪمل حمايت ڪري ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آباداتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن، انهن قدمن جو مقصد ڪشميرين جي خودمختياري وارو پنهنجو حق استعمال کان محروم ڪرڻ آهي، ان هڪطرفي قدمن ڪشميري عوام جي بنيادي حق??، سڃاڻپ ۽ بنيادي آزادين تي ظلم ۽ جبر کي وڌيڪ وڌايو آهي. ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ انساني سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن کي گڏيل قومن جي انساني حق?? جي اداري خاص طور تي انساني حق?? جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران ٻن رپورٽن ۾ به اجاگر ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ پنهنجا مطالبا ۽ ڀارت جي ظلم، قبضي ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي غير ممڪن حمايت جي عزم جو به ورجاءُ ڪريون ٿا. ان کانسواءِ پاڪستان ملڪي ۽ انساني حق?? جي عالمي پڌرنامي جي شرطن موجب پنهنجي سڀني شهرين جي حق?? ۽ آزادين جي احترام ۽ تحفظ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪري ٿو.