واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان چيو آه?? ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفير چيو ته هي وقت آه?? ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آه?? ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ته ??مريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آه?? ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن چيو ته ??فغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چيو ته ??دشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن چيو ته ??سان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ته ??هشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چيو ته ??سان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي سفير چيو ته ??مريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چيو ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني ب??اي?? ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.