اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو آهي ته اهي ضرورت جي بنيادي شين جي ??يم??ن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون اگهن ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوال?? سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻائين، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ ان جي ??يم??ن جي حوال?? سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خوراڪ واري وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ عام ماڻ??و جي استعمال ۾ ايندڙ ضرورت جي بنيادي شين جي ??يم??ن جو تقابلي جائزو خاص طور تي منڊي ۽ پرچون جي اگهن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو. ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجود اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوال?? سان کنيل قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاڄرو تيل جي ??يم??ن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي حوال?? سان کنيل قدمن کان پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري پنجاب صوبي ۾ ??يم??ن جي حوال?? سان کنيل انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??يم??ن جي استحڪام جي ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هيستائين 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز، مارڪيٽ ڪميٽين جي ٻن سيڪريٽرين کي معطل جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وارننگ ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته کاڄرو تيل جي ??يم??ن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان معاملا حتمي مرحلن ۾ آهن، ان جي نتيجي ۾ کاڄرو تيل جي ??يم??ن ۾ 10 کان 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي جي اميد آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضرورت جي بنيادي شين جي ??يم??ن سان عام ماڻهو ??تا??ر ٿئي ٿو. هن چيو ته عام ماڻ??و جو تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو ته ضرورت جي بنيادي شين جي ??يم??ن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوال?? سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته رڳو انتظامي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي، انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ريليف ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.