اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي ??ان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي ??ان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ??ر جلس?? جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ??ر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخالف ڌر حڪومت ??ان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪومت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي مح??وم?? جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.