اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سر??لنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سر??لنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪ??ڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائ??ين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌهن جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائ??ين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سر??لنڪا سان پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.