دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي تاجڪستا?? جي گاديءَ واري شهر دوشنبي ۾ منعقد نائين ”هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس ڪانفرنس“ جي موقعي تي افغانستا?? جي صدر اشرف غني ??ان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران پاڪ- افغان ٻه طرفن لاڳاپن، افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته خطي خاص ڪري افغانستان ۾ ام?? جي قيام لاءِ ڪيل ڪا??شن ۾ هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس جي وزارتي اجلاس جو منعقد ٿيڻ هڪ هاڪاري ۽ سٺو قدم آهي.