اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪو به معاشرو تعليم کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، شاگرد اسان جي ملڪ جو روشن مستقبل آهن ۽ موجوده حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن ويمن يونيورسٽي صوابي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهانه عروج سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تعليم وارو صوبائي وزير شهرام ترڪئي به موجود هو.