اسلام آباد – 18 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ??مران خان براڊ شيٽ معاملي تي 3 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي 48 ڪلاڪن ۾ براڊ شيٽ بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪن??ي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 3 رڪني ڪابينا ڪميٽي جو ڪنوينر آئون پاڻ جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ڪميٽي ۾ شامل آهن.