اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ مل??ث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسمگلنگ جي خا??مي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ??وا??ي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلڊ تيل جي وڪري سبب معيشت کي 100 کان 150 ارب رپيا ساليانو نقصان ٿي ??هي?? آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپس اسمگلڊ تيل جي وڪري ۾ مل??ث آهن. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي ??هي?? آهي.