اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري ??زير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئ?? آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏ??و، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري ??ڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.